علم معاشري

علم معاشري (ڪتاب): اقتصادي نظام بابت هيءُ ڪتاب مرزا صادق علي بيگ جو لکيل آهي. اقتصادي موضوع تي سنڌي ۾ هيءُ پهريون ڪتاب هو. ڪتاب ۾ ليکڪ لکي ٿو ته ”دنيا ۾ وڌندڙ ڌنڌو واپار آهي جو ماڻهو واپار ڪري ٿو. اهو عام جي ڀيٽ ۾ آسودو آهي، واپار جو مدار ملڪ جي پوک، قدرتي شين جي ملڻ، هنر ۽ ڪارخانن هجڻ تي آهي“. هيءُ ڪتاب سنڌي نصاب طور پڙهايو ويو، ايجوڪيشنل پبليشنگ ڇاپخاني ڪراچي مان 1871ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو